17

ميرپور ماٿيلو رپورٽر

ميرپور ماٿيلو رپورٽر محمد حنيف ڀٽوگھوٽڪي ضلعي جي شھر باگو ڊهو سان تعلق رکندڙ اين جي او جي سماجي ڪارڪن عبيدالله عابد ملڪ گذريل ڏينھن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ھو انسان ذات جي خدمت کي عبادت سمجھندو آھي.
ھو گذريل 15 سالن کان انسان ذات جي خدمت لاء مختلف اين جي اوز سان ملي ڪري گھوٽڪي ضلعي عوام جي فلاح وبهبود جي ڪمن ۾ مصروف آهي. ھن ڏينھن رات ڪوششون ڪري لاڪ ڊاؤن دوران بيروزگاري کان مجبور ماڻھن جي خدمت ڪندي ھڪ بين الاقوامي تنظيم آئ آرسي تنظيم جي تعاون سان 1126 خاندانن ۾ 8000 روپين جي رقم ايزي پيسه جي وسيلي ورھائي ويئي آھي. ۽ وڌيڪ 745 خاندانن 8000 روپين جي رقم جي حساب سان في خاندان جي حوالي سان رقم ورھائي ويندي ۽ 600 خاندانن کي صحت ڊگنيٽي ڪٽ (جنھن ۾ صحت جي حوالي سان سامان مھيا ڪيو ويو آهي) پڻ فراھم ڪئي وئي آھي. جڏھن ته ھاڻ ٻي مرحلي ۾ 745 ماڻھن جا فارم ڀري موڪلي ڇڏيا آهن جن جا ڪجھ ڏينھن ۾ پيسا اچي ويندا ۽ ٽين مرحلي ۾ وري اسان 470 خاندانن جا فارم ڀري چڪا آھيون جن جا فارم پڻ مٿي موڪليا ويا آھن ان کان علاوھ آئي آر سي وٽ 2017 کان وٺي اسان وٽ يوسي باگو ڊهو ۽ اس پاس جا 11 ڳوٺ باگو ڊهو ڳوٺ امير بخش ڪولاچي يوسف سولنگي ابراھيم ڀيو سخي محمد يونس چاچڙ سميت يارنھن ڳوٺ رجسٽرڊ ھيا جڏھن ته ھاڻ اسان ڪوششون ڪري وڌيڪ ڇھ ڳوٺ نوان به شامل ڪرايا آھن جن ۾ اسان محمد سچل چاچڙ الاھي بخش ڀٽو سانوڻ ٻپڙ ميوو ٻپڙ مولا بخش چاچڙ واحد بخش سولنگي به ايڊ ڪرايو آهي جن ۾ جلد ڪوشش ڪري رقم ورھائي ويندي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان ۽ منھنجو ساٿي امير حمزه ڪنھن تي احسان نه پيا ڪيون بس غريبن جي مدد ڪرڻ سان ئي دل کي سڪون ملندو آهي جنھن ڪري ھو پنھنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪندا رھندا

اپنا تبصرہ بھیجیں