16

ميرپوربٺوروباءِ پاس ۾ آيل زمين جو معاوضو نه ملڻ خلاف متاثرن جو احتجاج

ميرپوربٺورو(رپورٽ: علي اڪبر بڪيرو) باءِ پاس ۾ آيل زمينن جو آبادگارن کي معاوضو نه ملڻ تي آبادگارن طرفان يارھين ڏينھن سجاول حيدرآباد روڊ تي اي سي آفيس اڳيان ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون، ڌرڻي دوران احتجاج ڪندڙن ۾ نواز خان زئور، عبدالله ميراڻي، قادربخش زئور، نعمان شورو، بابو عثمان، جست جي امام بخش خاصخيلي، عرفان خواجه، شھيد ابن خاصخيلي، يوسي چئرمين ايوب زئور ۽ حاجي حڪيم زئور، حاجي آدم زئور، عبدالواحد زئور ۽ شيراز زئور شرڪت ڪئي.

اي سي آفيس ۾ موجود ھوندي به آبادگارن سان ملڻ جي زحمت نه ڪئي، عيد بعد تحريڪ جو ٻيو مرحلو ھلائڻ جو اعلان ڪيو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي نواز خان زئور چيو ته بٺورو باءِ پاس جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آھن پر ڪرپٽ ڪامورا آبادگارن جي معاوضي جي پئسن مان وياج کائي رھيا آھن آبادگارن کي پنھجا پئسا ڏنا وڃن، جيڪو سندن حق آھي، عيد بعد سمورن سياسي ۽ سماجي ماڻھن کي گڏ کڻي احتجاجي تحريڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو، عرفان خواجه خطاب ڪندي چيو ته پنھجي حق لاءِ آبادگار سراپا احتجاج ڪري رھيا آھن پر ڪامورن کي احتجاج ڏسڻ ۾ نٿو اچي، آبادگارن سان ھر موڙ تي گڏ آھيون، جيستائين آبادگارن کي معاوضو نٿو ملي جدوجھد جي ھر مورچي تي گڏ بيٺل ھونداسين.

 آبادگار قادربخش زئور چيو ته آباگارن پنھجو حق وٺي پوءِ سک جو ساھ کڻندا، جدوجھد ذريعي ئي پنھجو حق وٺي سگھجي ٿو، عيد تائين آبادگارن کي پنھنجي زمينن جا معاوضو ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں