8

ميروخان ( رپورٽ صفدر علي تنيو)

ميروخان ( رپورٽ صفدر علي تنيو) ميروخان پيپلز پارٽي ضلعي جو اجلاس ملتان ۾ ٿيندڙ يوم تاسيس جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء تيارين جو جائزو ۽ ڀرپور شرڪت ڪرڻ لاء ڪاميٽون قائم گوپانگ ھائوس ميروخان تي ٿيل اجلاس ۾ ضلعي جي ستن ئي تعلقن يونٽن جي عھدادارن ۽ اڳوڻن بلدياتي نمائندن جي شرڪت پيپلز پارٽي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ منظم ۽ متحرڪ آھي قمبر شھدادڪوٽ مان ھزارين ڪارڪن ملتان جلسي ۾ شرڪت ڪندا مھينو اڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻارڙن جي عذرخواھي دوران پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪوڙ ھنيو آھي ته پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائنده متاثر خاندان کي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء ڌمڪائي رھيا آھن ضلعي صدر حاجي قمر الدين گوپانگ جون اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھيون

تفصيل موجب : يپلزپارٽي ضلعي قمبرشهدادڪوٽ جو تنظيمي اجلاس ضلعي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ جي صدارت هيٺ گوپانگ ھائوس ميروخان تي ٿي گذريو جنهن ۾ پيپلز پارٽي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ستن تعلقن ميروخان ۔ سجاول جوڻيجو ۔ شهدادڪوٽ ۔ قبوسعيد خان ۔ قمبر ۔ نصيرآباد ۽ واره جي عهديدارن ۽ اڳوڻن بلدياتي نمائندن شرڪت ڪئي ۔ اجلاس ۾ 30 نومبر تي ملتان ۾ پيپلزپارٽي جي ٿيندڙ يوم تاسيس جي موقعي تي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ لاء حڪمت عملي جوڙي وئي ۔ ان موقعي تي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندين پيپلز پارٽي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ چيو ته پيپلزپارٽي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ منظم ۽ مضبوط آهي ۽ 30 نومبر تي ملتان ۾ ٿيندڙ يوم تاسيس جلسي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي مان اڳ جيان هن ڀيري به هزارين ڪارڪن ۽ جيالا شامل ٿيندا ۔ هن وڌيڪ چيو ته 2 ڏينهن اڳ پي ٽي آء اڳواڻ حليم عادل شيخ ميروخان پھچي ھڪ مھينو اڳ ڦورو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن معصوم ٻارڙن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ڪوڙ هنيو آهي ته پيپلزپارٽي جو ايم اين اي خورشيد جوڻيجو مقتول ٻارڙن جي وارثن تي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي ڪرڻ لاء داٻا ڏئي رهيو آهي جيڪو سراسر ڪوڙ آهي ۔هنن چيو ته پي ٽي آء جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۔ ۽ پي ٽي آء سنڌ جو اڳواڻ سدائين من گھڙت بيان ڏيئي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي۔ ان موقعي تي پيپلز پارٽي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي پنھل سومرو ڊاڪٽر نياز چانڊيو حاجي حزب الله گوپانگ عبدالظاھر تنيو مير مخدوم مگسي ڊاڪٽر راجا خان تنيو رياض ابڙو خان محمد ڦلپوٽو ۽ ٻيا موجود ھيا

اپنا تبصرہ بھیجیں