11

مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ سندس ڊرائيور جي قتل جو ڪيس ٽن ڏينهن کان پوءِ داخل ڪيو ويو

ڪراچي: (اڱارو 13 آڪٽوبر 2020ع) شاهه فيصل ڪالوني ۾ مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ ان جي ڊرائيور جي قتل جو ڪيس 3 ڏينهن کان پوءِ داخل ڪيو ويو.

تفصيل موجب شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي شمع شاپنگ سينٽر ويجهو 10 آڪٽوبر جي شام جو فائرنگ ڪري شهيد ڪيل مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ ان جي ڊرائيور مقصود احمد جي قتل جو ڪيس ايس ايڇ او شاهه فيصل ڪالوني انسپيڪٽر سڪندر خان جي مدعيت ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ قتل جا قلم 34/302 ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. مدعي ايس ايڇ او جي ايف آءِ آر ۾ ڏنل بيان موجب مددگار 15 کي 7 لڳي 45 منٽن تي فون  جي ذريعي اطلاع ملي ته شمع شاپنگ سينٽر شاهه فيصل ڪالوني ۾ هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي آهي.

اطلاع تي ايس ايڇ او سرڪاري ملازمن سان گڏ موبائيل تي واقعي واري هنڌ پهتو ته هڪ شخص حافظ طحه صديقي جيڪو پوليس ۾ ملازم آهي ۽ شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي جو هيڊ ڪانسٽيبل وقار ٻڌايو ته بينڪ الحبيب ويجهو شمع شاپنگ سينٽر جي سامهون گاڏي نمبر اي سي بي 348 ٽويوٽا ويگو رنگ سلور تي 7 لڳي 40 منٽن تي 3 جوابدار جنهن مان هڪ شلوار قميض ۽ ٻن کي ٽي شرٽ پاتل هئي. پستول سان فائرنگ ڪئي ۽ 125 موٽر سائيڪل تي ويهي فرار ٿي ويا جنهن جي سامهون اچڻ تي سندن سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. هوڏانهن پوليس ذريعن موجب مذڪوره ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي منتقل ڪئي وئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں