16

مهدي حسن کي مداحن کان وڇڙئي نو سال گذري ويا

لاهور: (آچر 14  جون 2021ع) غزلن جي شهنشاهه مهدي حسن خان جي اڄ 9 ورسي ملهائي پئي وڃي. هن 25 هزار کان وڌيڪ فلمي ۽ غير فلمي گيت ۽ غزلون ڳائي ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه ٺآهي. ان جو هر ڳايل گيت امر ٿي ويو.

مهدي حسن 18 جولاءِ 1927ع تي ڀارتي رياست راجستان ۾ ڪلاسيقي موسيقي سان جڙيل گهراڻي ۾ اک کولي. مهدي حسن 1935ع ۾ اٺن سالن جي عمر ۾ هڪ پروگرام جي ذريعي گلوڪاري جي شروعات ڪئي ۽ ان کان پوءِ هو پاڪسان هليو آيو جتي 1957ع ۾ کيس ڪراچي مان ريڊيو پاڪستان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو مليو. کيس 1962ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم(فرنگي) ۾ ڳايل  غزل مان شهرت ملي. ان کان پوءِ هن  پويان مڙي نه ڏٺو.

سندس ڳايل گيت(زندگي مين تو سبهي پيار کيا کرتي هين) کي ٻڌي هندستاني گلوڪاره لتا منگيشڪر چيو هو ته مهدي حسن جي ڳلي ۾ ڀڳوان ڳالهائيندو آهي. مهدي حسن 25 هزار کان وڌيڪ فلمن ۽ غير فلمي گيت ۽ غزلون ڳايون. کيس حڪومت جي طرفان به ڪيترن ئي ايوارڊ سان نوازيو ويو. مهدي حسن 13 جون 2012 تي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ 84 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں