8

ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ اوڻاسي مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: (سومر 03 مئي 2021ع) ملڪ ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 79 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 18 هزار 149 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا 19 جي سڃاڻپ جي لاءِ 45 هزار 254 ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ 4 هزار 213 مريضن ۾ ڪروونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.16 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ هن وائرس وگهي متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 8 لک 32 هزار 146 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 3 لک 6 هزار 929 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه سنڌ 2 لک 85 هزار 626، خيبرپختونخواهه هڪ لک 20 هزار 64، بلوچستان 22 هزار 620، اسلام آباد ۾ 76 هزار 209، آزاد ڪشمير 17 هزار 371 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 زار 227 ڄڻا ڪورونا مان متاثر ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 842 مريض ڪورونا  مان صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 28 هزار 44 ٿي ويو آهي.

هڪ ڏينهن دوران ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 79 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 18149 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا جا گڏيل طور تي 8 هزار 572 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

سنڌ ۾ 4 هزار 667، خيبرپختونخواهه 3 هزار 392، اسلام آباد 691، گلگت بلتستان 107، بلوچستان ۾ 237 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 483 ڄڻا  حياتيون وڃائي چڪا آهن. ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 87 هزار 953 ٿي ويو آهي جنهن مان 5 هزار 377 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں