7

ملائڪه اروڙا ارجن ڪپور سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي: نئين سال جي شروعات ٿيندي ئي ڀارتي اداڪاره ۽ اداڪار ارباز خان جي اڳوڻي زال ملائڪه اروڙا ارجن ڪپور سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

اداڪاره ملائڪه اروڙا نئين سال جي شروعات ۾ فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام ذريعي ارجن ڪپور جي ڪلهي تي رکيل هڪ تصوير شيئر ڪئي.

اداڪار جوڙي گذريل هفتي موڪلون ملهائڻ ڀارتي شهر گوا ويل آهي بهرحال ملائڪه اروڙا نئين سال جي شروعات ارجن ڪپور سان ورتل تصوير سان ڪئي آهي.

تصوير ۾ سرچ ڪيپشن ۾ ملائڪه اروڙا لکيو، هيءَ هڪ نئون صبح آهي، هي هڪ نئون ڏينهن آهي، هي هڪ نئون سال…………………2021 آهي.

ياد رهي ته گذريل سال سيپٽمبر دوران ارجن ڪپور ۾ عالمي وبا ڪورونا جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ملائڪه اروڙا جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو ۽ هنن گهر ۾ ئي پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں