7

مريم نواز ايف بي آر پاران موڪليل نوٽيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

لاهور:(اربع 16 سيپٽمبر 2020ع)  مريم نواز  ايف بي آر جي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ايف بي آر جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

هن لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي. مريم نواز پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ايف بي آر طرفان 6 لک 57 هزار جي انڪم سپورٽ ليوي ٽيڪس جا نوٽيس موڪليا ويا آهن جڏهن ته مان قانون موجب سمورا ٽيڪس ادا ڪري رهي آهيان. سمورا  ٽيڪس ادا ڪرڻ جي باوجود ايف بي آر ريڪوري نوٽيس موڪليا آهن. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ  به رڪارڊ جو درست جائزو وٺڻ کان سواءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ايف بي آر طرفان موڪليل نوٽيس ۽ سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي. مريم نواز پنهنجي درخواست ۾ ايف بي آر سميت ٻين کي ڌر بنايو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو ٻه رڪني بينچ اڄ مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں