21

مدئجي:ٻرڙا بس اسٽاپ وٽ ڪار ڪلٽي، هڪ موقعي تي فوت، هڪ زخمي

مدئجي(رپورٽ:وحيد جوکيو) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ٻرڙا بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي کائي روڊ کان هيٺ لهي وئي، جنهن سبب ڪار ۾ سوار ڳاهيجا واسي غلام شبير ابڙو موقعي تي فوت ۽ مدئجي واسي سيد نظار شاهه زخمي ٿي پيو.

واقعي بعد ڀر واري ڳوٺ جي رهواسين واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي ڪار مان ڪڍي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد فوتي جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي زخمي کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو,جيڪو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، لاش ايمبولينس ذريعي مدئجي آندو ويو.

ٻئي طرف اطلاع تي فوتي جا وارث اسپتال پهتا جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي غلام شبير ابڙو جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، فوتين جي تدفين اڄ ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں