4

متحد قوم کي ڪو به خطرو ڪمزور نٿو ڪري سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي ۾ ليفٽيننٽ ناصر حسين جي گهر ويو ۽ شهيد جي ڪٽنب سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي آرمي چيف فاتحه خواني ڪئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ليفٽيننٽ ناصر حسين مادر وطن جي دفاع جو حق ادا ڪندي پنهنجي زندگي جو نذرانو پيش ڪيو، هن شهيد جي ڪٽنب جي حوصلي تي به خراج تحسين پيش ڪيو.

جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي هيروز جو قدر ڪري ٿي، ڪو به خطرو متحد قوم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي.

ياد رهي ته ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد 3 سيپٽمبر تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں