11

مبارڪپور: پيراميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرو

مبارڪپور(رپورٽ:مهر قربان علي) مبارڪپور بي ايڇ يو ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رسڪ الائونس بند ٿيڻ خلاف او پي ڊي بند ڪري اسپتال جي گيٽ اڳيان مشتاق احمد چنو، سڪندر ڀٽو، الهداد ڪٽو، محمد يعقوب ڀٽو ۽ لياقت مهر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پوري ملڪ ۾ ڪرونا ڪيس وڌي رهيا آھن، ٽي صوبا ملازمن کي رسڪ الائونس ڏئي رهيا آهن پر اسان جو صوبو اسان کي ملندڙ رسڪ الائونس پهرين آڪٽوبر کان بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اسان ملازمن سان ماٽيلي ماءۡ وارو سلوڪ ڪيو ويو آھي.

اسان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، صحت جي وزير ڊاڪٽر عذر پيچوهو کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جو رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي سي ايم هائوس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں