17

ماضي جي مشهور اداڪاره فردوس بيگم لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور: (اربع 16 ڊسمبر 2020ع)  ماضي جي مشهور اداڪاره فردوس بيگم لاڏاڻو ڪري وئي. خانداني ذريعن به سندس فوتگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ماضي  جي مشهور فلم هير رانجها جي هير فردوس بيگم کي 3 ڏينهن اڳ برين هيمبرج ٿيو هو ۽ هو لاهور ۾ خانگي اسپتال جي ايمرجنسي واي شعبي ۾ علاج هيٺ هئي. دماغ جي نس ڦاٽڻ سبب کيس لاهور جي خانگي اسپتال  جي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو هو.

فردوس بيگم جي گهر ڀاتين مداحن کان سندس صحتيابي جي اپيل ڪئي هئي. اداڪاره فردوس بيگم 4 آگسٽ 1947ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي. ان جي عمر 73 سال هئي. فلم نگري ۾ فردوس جي نالي سان شهرت ماڻيندڙ پروين پنهنجي اداڪاري ۽ ادائن سبب مداحن جي دلين ۽ سئنيما اسڪرين تي  ڪافي حڪمراني ڪئي.

هن فلمن ۾ ملڪه ترنم نور جهان جي گيتن کي به امر ڪري ڇڏيو. فلم ملنگي، هير رانجها، انسانيت سميت هڪ سئو پنجاهه کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندڙ فردوس جا چيل لفظ دلين ۾ گهر ڪري ويندا آهن اتي ئي ان جي فلمن جا گيت اڄ به مداحن کي وسري ناهن سگهيا.

اپنا تبصرہ بھیجیں