4

لوئر آرڊر ۾ کيڏڻ سان صلاحيتن جي اظهار جو موقعو نه ملي سگهيو: محمد رضوان

ڪراچي: محمد رضوان ڪاميابي جو ڪريڊٽ ڪوچز کي ڏيندي چيو ته لوئر آرڊر ۾ کيڏڻ سان صلاحيتن جي اظهار جو موقعو نه ملي سگهيو.

انٽرويو دوران هن وڌيڪ چيو ته ان ڪري منهنجي اسٽرا.يڪ ريٽ جي ڳالهه ٿيندي رهي، بالنگ ڪوچ وقار يونس هميشه چوندو رهيو ته آئون ٽاپ ڪلاس جو بيٽسمين آهيان، هيڊ ڪوچ مصباح الحق اعتما ڪيو ۽ مونکي موقعو ڏنو، الله تعاليٰ عزت رکي.

محمد رضوان وڌيڪ چيو ته منهنجو فارم سٺو آهي پر منهنجي سوچ الڳ آهي، فارم کي آئون منفي لفظ سمجهندو آهيان ائين ناهي ته فارم لڳل آهي ته آئون محنت ڇڏي ڏيان، منهنجي وس ۾ صرف ڪوشش آهي جيڪا آئون ڪندو آهيان.

اپنا تبصرہ بھیجیں