21

لبناني حڪومت جي مستعفي ٿيڻ جي باوجود مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون، ڪيترائي زخمي

بيروت: (اربع 12 آگسٽ 2020ع) لبناني حڪومت جي مستعفي ٿيڻ  کان پوءِ به عوام جي ڪاوڙ برقرار آهي. مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

بيروت ۾ سوين نوجوانن پٿر هڻي پوليس اهلڪارن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مظاهرين صدر ميثال عون ۽ پارليامينٽ جي سياسي پارٽين کان استعيفيٰ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پارليماينٽ جي عمارت طرف اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ مظاهرين  مٿان گيس جا بم اڇليا ويا. اختيارين کي احتجاج وڌڻ تي اضافي فورس گهرائڻي پئي. بيروت جي ڌماڪي کان پوءِ عوام طرفان سخت رد عمل تي حڪومت مستعفي ٿي وئي هئي.

واضح رهي ته گذريل هفتي بيروت جي بندر گاهه ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو هو جنهن کي ڪجهه ماهرين ننڍو ايٽمي ڌماڪو قرار ڏنو هو. حادثي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته 2 لک ماڻهو  بي گهر ٿي چڪا آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں