5

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر مائري )

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر مائري ) پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي 17 ۽ يوسي 18 جي اڳواڻن طرفان لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي ٽئنڪ چوڪ وٽ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن گڏجاڻي ۾ پي پي پي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ، سينئر نائب صدر سرفراز احمد کوکر، انفارميشن سيڪريٽري وقار علي ڀٽو، علي گوهر ڀٽو، مير ماجد علي بروهي، ڪامراڻ اوڍاڻو، غلام اصغر کچي، شير خان لغاري، غلام قادر اهير سميت پي پي يوٿ ونگ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ظهير احمد ناريجو، منصور احمد کوکر، سپاف اڳواڻ سيد رفيق شاھ، آصف علي لغاري، عزيز احمد جاگيراڻي، رياض حسين گاڏهي، ديدار علي شيخ، علي رضا کوکر، غلام رسول لغاري، ممتاز علي شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سٽي صدر خير محمد شيخ چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ امڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان اندر وڌندڙ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري خلاف ميدان ۾ نڪري ملڪ جي عوام جي حقن لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو موجوده نااهل وفاقي حڪومت ملڪ جي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سليڪٽيڊ نيازي حڪومت جي ناڪارا پاليسين سبب پاڪستان جي معيشيت تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي ۽ هڪ سازش تحت هٿ وٺي وفاقي ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نااهل ۽ ناڪام حڪومت سبب اڄ پاڪستان اندر مهانگائي جو طوفان پيدا ٿي ويو آهي، گئس، بجلي، پيٽرول سميت عام واهپي جون شيون غريب عوام جي استعمال کان ڪيترائي ڪوھ پري ٿي چڪيون آهن، پر سليڪٽيڊ حڪومت جي ڪن تي جونء به نه ٿي سري، اهڙي صورتحال کان پوءِ پاڪستان جي مختلف سياسي جماعتن جي صلاح مشوري سان پي ڊي ايم جو بنياد وڌو ويو آهي ته جيئن هن نااهل حڪومت مان ملڪ جي عوام جي جان آجهي ڪرائي وڃي، جڏهن ته 26 مارچ تي پي ڊي ايم طرفان نڪرندڙ ريلي ۾ جيالا وڌ کان وڌ شريڪ ٿيندا ۽ گو نيازي گو جا نعره لڳائي ثابت ڪندا ته ملڪ جو عوام عمران نيازي جي حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں