8

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر مائري )

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر مائري ) لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو ۽ عبدالڪريم ٽڳڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني مان کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ کي 2 سال 7 مهينا گذري چڪا آهن ۽ شهر جي نظر محلي مان کنڀي گم ڪيل درزي انصاف دايو کي 3 سال 9 مهينا گذري ويا آهن، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو آهي، جنهن سبب اسين سمورا گهرڀاتي پريشاني ۽ بيچئني ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل ٻئي نوجوان ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن تنظيم يا پارٽي سان ڪو واسطو اٿن، پر تنهن باوجود به گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪري ڇانيل بيچئني ختم ڪئي وڃي

اپنا تبصرہ بھیجیں