13

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادرمائري)

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادرمائري) ڪجھ ڏينهن اڳ پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ ڪوهاٽ روڊ تي موجود مدرسي جي مرڪزي هال ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ شهيد توڙي زخمي ٿيلن جي خاندانن سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اهڙي خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف جي فائونڊر ميمبر ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ مير شاهد علي رند پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان پڻ اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏني ويندي ۽ انشاءِ الله اسان کي يقين آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ مير شاهد علي رند چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ڌماڪي جي نتيجي ۾ متاثر ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو، جنهن اعلان تحت شهيدن جي گهر ڀاتين کي 5 لک، جڏهن ته زخمين کي 2 لک رپيا ڏنا ويندا، جيڪو ڪي پي ڪي حڪومت جو سٺو قدم آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں