11

لاڙڪاڻو(رپورٽ نادرمائري)

لاڙڪاڻو(رپورٽ نادرمائري) فرانس جون سموريون دهشتگردانه سازشون ناڪام بڻجي وينديون، الله جي پياري حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخانه خاڪا ٺاهيندڙ پنهنجي منطقي انجام تي جلد پهچندا، مسلمانن کي گهرجي ته اهي يهودي نصارا جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪن ۽ انهن کي معاشي طرح موت جي منهن ۾ وجهن، عاشقان رسول مسلمانن جي جذبات سان کيڏڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي، محبت رسول ﷺ کان بغير انسان اڌورو ۽ نامڪمل آهي. محبت رسول الله ﷺ ئي ناچيز کي ڪمال درجي تي پهچائي ٿي، اولياءَ الله ۾ حضرت سائين محمد قاسم مشوري رح جو نمايان نالو آهي، درگاهه مشوري شريف پهچي پراڻيون ياديون اچي وڃن ٿيون جتي الله جو ولي شريعت پاڪ جو درس ڏيئي روئيندڙن کي مرڪائيندو هيو ۽ گهنگارن کي نيڪ پرهيزگار بڻائي ڇڏيندو هيو،اهڙيون ڳالهيون سنڌ جي ناليواري مشهور هستي سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري درگاهه مشوري تي فاتحه خواني ڪندي ڪيون، انهي موقعي تي سيد عطاءُ الله شاهه بخاري، پروفيسر منظور احمد مشوري، سيد ذوالفقار علي شاهه، درگاهه باقراڻي جا پير عتيق الرحمان، پير شفيق الرحمان، پير حضور بخش نقشبندي ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته مشهور نعت خوانن محمد حسين حسيني ۽ رحمت الله حسيني لاشاري نعتون پڙهي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں