13

لاڙڪاڻو(رپورٽ نادرمائري)

لاڙڪاڻو(رپورٽ نادرمائري)  لاڙڪاڻي جي عدالت سرڪاري دوائون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار 5 جوابدارن جي ڪچي ضمانت رد ڪري کين جيل اماڻي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن جون دوائون کپائيندڙ ٽولي کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر امان الله راڄپر فريادي ٿي سرڪار پاران ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ غلام حيدر شيخ، بند علي چانڊيو، محمد جعفر چانڊيو، آفتاب ٻگهيو ۽ رياض چانڊيو کي گرفتار ڪري اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ چالان ڪيو هو ۽ 5 ئي جوابدارن ڪچي ضمانت حاصل ڪئي هئي، ٻڌڻي دوران عدالت 5 ئي جوابدارن جي ڪچي ضمانت رد ڪري کين جيل اماڻيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي سينٽرل جيل اماڻڻ کان اڳ سندن ڪرونا ٽيسٽ پڻ ڪرائي وئي، گرفتار جوابدارن مان 4 جوابدار سرڪاري ملازمن آهن، جڏهن ته گرفتار رياض چانڊيو پرائيويٽ ماڻهو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں