13

قاضي احمد رپورٽ ذوالفقار لاکو .

صحافين جي حقن لاءِ مرڻ گهڙي تائين جدوجھد جاري رکنداسين. مومن جوڻو.

پريس ڪلب قاضي احمد حق ء سچ جي ڳالھ تي ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي. آصف شاھ جيلاني.

مومن جوڻو قلم ذريعي سدائين معاشرتي اصلاح ڪئي آهي. حاجي خان لاکو.

صدر پريس ڪلب قاضي احمد عبدالمومن جوڻو جي سالگرھ تقريب ۾ ساڃاھ وندن جا ويچار.

پريس ڪلب قاضي احمد جي صدر عبدالمومن جوڻو جو سالگرھ تقريب پريس ڪلب قاضي احمد ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ علائقي جي ساڃاھ وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ مومن جوڻو خطاب ڪندي چيو ته پريس ڪلب قاضي احمد صحافين جي حقن لاءِ هميشه جدوجھد ڪئي آهي ء اڳتي به جاري رکندو، صحافت هڪ ڪنڊن جي سيج آهي جنهن تي صحافي ويھي معاشري ۾ ظلم جبر ء ادارن جي ناجائز هٺ ڌرمين خلاف قلم ذريعي جھاد ڪري ٿو، ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته صحافي برادري کي به گهرجي ته پنهنجين ذاتي رنجشن کي پاسي تي رکي حق جو آواز بلند ڪن ء پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪن ته جيئن هڪٻئي لاء ڍال ببڻجي سگھن. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ تعلقا قاضي احمد جي صدر سيد آصف شاھ جيلاني ڳالھائيندي چيو ته پريس ڪلب قاضي احمد حق ء سچ جي ڳالھ تي ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي جنهن تي صدر مومن جوڻو سميت سڄي سٿ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ايس يو پي ضلع صدر ڌڻي بخش ڪلوئي خطاب ڪندي چيو ته پريس ڪلب قاضي احمد مسڪين ماروئڙن ء بي پھچ انسانن سان ٿيندڙ ظلم خلاف سدائين اڳڀرو رهيو آهي، جنرل سيڪريٽري سگا شاخ قاضي احمد ممتاز خادم ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته صحافت دنيا جو چوٿون ٿنڀ آهي جنهن معاشري مان سماجي براين خلاف آهم ڪردار ادا ڪيو آهي پريس ڪلب قاضي احمد جا صحافي دوست بغير اجرت جي خدمت خلق ۾ مصروف آهن جنهن تي آء کين جس ڏيان ٿو. ان موقعي تي آيل مهمانن سيڪريٽري سگا شاخ قاضي احمد ممتاز خادم ميمڻ، جنرل سيڪريٽري ينگيسٽرز گروپ قاضي احمد شڪيل ڏاهري، اڳواڻ سنڌي ادبي سنگت معشوق ڌاريجو، محمود سومرو الفي، ممتاز سيال، سماجي اڳواڻ محمد رمضان لاشاري، شهري اتحاد اڳواڻ بابو سرفراز راجپوت، ممتاز خاصخيلي پ پ اڳواڻ حسن ڌاريجو، ياسين ميراڻي، حفيظ جوڻو، سيد نبن شاھ، فقير بشير خاصخيلي، فقير اشرف انڙ، ء ٻين صدر پريس ڪلب قاضي احمد عبدالمومن جوڻو کي اجرڪن ء گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون. ء سندس وڏي ڄمار لاء دعائون گھريون.

اپنا تبصرہ بھیجیں