18

قاضي احمد رپورٽ ذوالفقار لاکو

قاضي احمد لڳ جمال شاه روڊ تي پٺاڻن جي ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي فوت ٿي ويل زوار خاصخيلي واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو
حادثي ۾ فوت ٿي نوجوان زوار خاصخيلي جو پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مڇرجي وارثن جو لاش قاضي احمد مال پڙي وٽ قومي شاهران تي رکي سخت گرمي ۾ نٽھڻ اس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ڌرڻي سبب ڪراچي کان خيبرپختون تائين ويندڙ قومي شاهران تي ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏيون جون قطارون لڳي ويون روڊ بلاڪ سبب هزارين مسافر ۽ ڊرائيور پريشان ٿي ويا جڏهن ته خاصخيلي برادري جا سوين ماڻھون ڏنڊا برادر بڻجي ويا ۽ سخت گرمي ۾ زور دار نعران قاضي احمد پوليس جي خلاف هڻي رهيا هيا ان موقعي تي سڄڻ خاصخيلي يار محمد خاصخيلي چيو ته 20ڪلاڪن کان مٿي وقت گذري ويو پر قاضي احمد پوليس ڪيس داخل نه ڪيو پر رپورٽ به نه ورتي وئي جڏهن ته ٻن ڪلاڪن بعد قاضي احمد ٿاڻي جي اهم زميوار پوليس اهلڪار پهلوان ڪنڀر ۽ آئي او ڪريم بخش لاکو پاران ڳالهيون ڪري مطالبا مڃي ورتا ۽ پٺاڻن جي گرفتاري ۽ ايف اء ار داخل ڪرڻ واري شرط تي ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو جنهن بعد وارثن لاش کي کڻي گهر پهچايو ۽ ان بعد پوليس ڪاروائي ۽ ڪيس لاء ٿاڻي تي پهتا.

اپنا تبصرہ بھیجیں