9

قاضي احمد رپورٽ

قاضي احمد شهر جي شاھي بازار ۾ گوڏي جيڏو گٽرن جو گندو پاڻي ھڪ ھفتي کان بيھڻ ڪري دوڪاندار ھرجي مل ٺڪر،حاجي لياقت،ڊاڪٽر ياسين ڪنبوھ،نور ڀٽي جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ٽائون انتظاميان خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو تہ ھڪ ھفتي کان شاھي بازار ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنھن ڪري اسان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي اسان بار بار ٽائون انتظاميان کي شڪايتون ڪيون آهن پر صفائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي صرف من پسند ماڻهن جي بنگلن اڳيان صفائي ڪئي وڃي ٿي جڏهن تہ احتجاج ڪندڙ دوڪاندارن جي اڳواڻن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادن خان لاشاري جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون دوڪاندارن صفائي نه ٿيڻ بابت ٽائون انتظاميان جي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر دادن خان لاشاري ٽائون آفيسر ۽ امير شاھ کي گھرائي ورتو جن کي حڪم جاري ڪيا تہ فوري طور شاھي بازار مان پاڻي ڪڍيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي شاھي بازار ،ريڊيو بازار ۽ سردار مارڪيٽ ۾ صبح ۽ شام جو صفائي ڪرائي وڃي اسسٽنٽ ڪمشنر دادن خان لاشاري جي يقين ڌياني کان پوءِ دڪاندارن ڌرڻو ختم ڪيو

اپنا تبصرہ بھیجیں