17

قاضي احمد داتا ڪمپنيز ۽ داتا

داتا ڪمپنيز ۽ داتا بلڊرز اينڊ ڊيويلپرز پاران قاضي احمد جي ريئل اسٽيٽ سان وابسته بروڪرز ۽ قاضي احمد جي صحافين جي مان ۾ پر وقار تقريب کو ٺاهي وئي تقريب جو احتمام داتا رائيس مل جمال شاھ روڊ قاضي احمد ۾ ڪيو ويو تقريب جي هوسٽنگ صحافي صلاح الدين ڪيريو ڪئي جڏهن ته تقريب جي شروعات باضابطا تلاوت قرآن پاڪ سان صحافي حافظ نالي مٺو ڏاهري جن ڪئي جڏهن ته آيل سمورن مهمانن کي ميزبانن سيٺ پريم بي ڏيوناڻي سيٺ امر پريم ڏيوناڻي سيٺ آڪاش پريم ڏيوناڻي ذوالفقار علي ٽانوري پرويز احمد سومرو ۽ صلاح الدين ڪيريو جن سنڌ جي ثقافت کي مد نظر رکي اڳواڻن تعلقه پريس ڪلب قاضي احمد جي صدر راجا ساجد علي انڙ. پريس ڪلب قاضي احمد جي صدر رانا عبدالغفور راجپوت سينئر بروڪر استاد انور سهتو ۽تقريب جي خصوصي مهمان شهر جي معزز سياسي سماجي شخصيت اڳوڻو وائيس چيئرمين حاجي خان محمد لاکو جن کي لونگيون۽ اجرڪ اوڍايا ويا ان موقعي تي داتا بلڊرز اينڊ ڊيويلپرز جي اونر سيٺ پريم بي ڏيوناڻي آيل مهمانن کي خوبصورت لفظن سان ڀليڪار چئي آجياڻو ڏيندي سندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وڌيڪ صحافين جي مان ۾ محبت ڀريا لفظن سان وراڻيو ته صحافت رياست جو چوٿون ٿنب آهي جنهن جي صحيح استعمال سان معاشري ۾ مثبت تبديليون اينديون آهن هن وڌيڪ چيو ته صحافت قانون جي پاصداري جو آئينو هوندي آهي ان کانپوءِ ٻين مهمانن پريس ڪلب قاضي احمد جي صدر رانا عبدالغفور راجپوت جنرل سيڪريٽري سائل لاکو. صحافي جاويد اقبال ڀٽي تعلقه پريس ڪلب جي صدر راجا ساجد علي انڙ سينئر صحافي فقير اشرف سينئر صحافي ذوالفقار لاکو تعلقا پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر سينئر صحافي رجب جتوئي پنهنجي اخبار جو سينئر صحافي الهرکيو سيال سميت سينئر بروڪر استاد انور سهتو ۽ سياسي سماجي ۽ شهري دڪاندار اڳواڻ حاجي خان محمد لاکو جن داتا بلڊرز اينڊ ڊيويلپرز جي اونر سيٺ پريم بي ڏيوناڻي طرفان سندن جي مان ۾ ڏيندڙ آجياڻي تي شڪريو ادا ڪيو جنھن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر سيٺ پريم بي ڏيوناڻي آيل مهمانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ جي تقريب جو مقصد داتا بلڊرز جي ٻن شاندار ٽن سالن جي آسان قسطن تي رهائشي پلاٽن جي اسڪيمون بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي هن وڌيڪ چيو ته داتا بلڊرز جون ٻه اسڪيمون هلي رهيون آهن جن ۾ فيز ون جي ايم هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه روڊ قاضي احمد ۽ فيز ٽو جي ايم ريزيڊنسي نزد جمال شاھ روڊ پٻجو روڊ قاضي احمد جاري آهن خوبصورت سوسائٽيز جيڪي مڪمل بنيادي سهولتن سان گڏ ٽن سالن آسان قسطن تي جوڙي رهيا آهيون جڏهن ته ان تقريب ۾ داتا ڪمپنيز جي اونرس ڊاڪٽر دليپ ڏيوناڻي سيٺ انيل ڏيوناڻي پسند سومرو ساجد ٽانوري منٺار راهو شاهنواز راهو عاشق راهو اصغر ڪوري شڪور ڀان نور حسن رند پرڪاش. رميش. منيش. جونيئر شاهنوازراهو سميت تعلقه پريس ڪلب ۽ پريس ڪلب قاضي احمد جي سٿ جي سمورن صحافين سان گڏ وڏي تعداد ۾ پراپرٽي بروڪرن شرڪت ڪئي

اپنا تبصرہ بھیجیں