9

فٽبال پريميئر ليگ: آرسنل ويسٽ بروم کي شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن: فٽبال پريميئرليگ ۾ آرسنل ويسٽ بروم خلاف گولز جو چوڪو هنيو، ليڪازيٽي ٻه گول اسڪور ڪيا، پوائنٽ ٽيبل تي ترقي ڪري يارهين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو، ٽوٽنهم ۽ ڪرسٽل پيلس فتح پنهنجي نالي ڪئي.

انگلش جي زمين تي فتبال جا مقابلا جاري آهن، ميچ جي شروعات جارحاڻي انداز ۾ ٿي، 23 هين منٽ تي آرسنل کي پهرين ڪاميابي ملي، پنجن منٽن بعد ساڪا بال کي ڄار ۾ وجهي ڪمال ڏيکاريو، ٻه زيرو جي برتري تي پهريون هاف ختم ٿيو.

ٻئين ميچ ۾ ٽوٽنهم ليڊز يونائيٽڊ کي ٽي صفر سان هارائي ٽين پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو، اسٽار رانديگر هيري ڪين ۽ سن هي ينگ پهريان هاف برتري ڏياري.

ڪرسٽل پيليس مدمقابل شيفيلڊ کي صفر جي مقابلي ۾ ٻن گولن سان شڪست ڏني، ٻئي گول پهرئين هاف ۾ ٿيا، برائٽن ۽ وولفر هيمپٽن جي وچ ۾ ميچ ٽي ٽي جي برابري سان ختم ٿيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں