3

فلم نو ٽائم نو ڊاءِ جي پريميئر ۾ شهزادي هيري ۽ ميگهن کي شرڪت جي دعوت اماڻي وئي

لنڊن: (سومر 29 جون 2020ع) جيمز بانڊ سيريز جي پروڊيوسر برطانوي شاهي خاندان کان ڌار ٿيندڙ شهزادي هيري ۽ ان جي گهر واري ميگهن مارڪل کي نئين فلم جي پريميئر ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

نئين فلم(نو ٽائم نو ڊاءِ) جو پريميئر هلندڙ سال اپريل ۾ ٿيڻو هو پر ڪورونا سبب ملتوي ڪيو ويو هو. نو ٽائم نو ڊاءِ جو پريميئر هاڻ نومبر 2020 ۾ ٿيندو جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ شهزادي هيري ۽ ان جي گهر واري کي به دعوت نامو موڪليو ويو آهي پر انهن طرفان ان جي تصديق ناهي ڪئي وئي.

مذڪوره فلم نومبر ۾ رليز ڪئي ويندي. ست مهينن جي دير کان پوءِ ايڊونچر فلم برطانيه ۾ 12 نومبر جڏهن ته آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ 25 نومبر تي رليز ٿيندي.

ڪورونا وائرس سبب جيمز بانڊ جي فلم کي سڀني کان وڏو ڌڪ لڳو آهي ڊينيل ڪريڪ جي جيمز بانڊ سيريز سان گڏ پنجين فلم هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں