6

(غوثپور رپورٽ سبحان علي)

(غوثپور رپورٽ سبحان علي) غوثپور. شھر ڀرسان ٻن الڳ الڳ وارداتن ۾ اڻ ڄاتل چور ڳوٺ عبدالرحيم نندواڻي ۾ جان محمد نندواڻي جي گھر ۾ گهڙي بيٺل ٽريڪٽر ڪاھي فرار ٿي ويا ٻئي پاسي اڻ ڄاتل چور ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي ۾ عثمان ٽانوري جي گھر ۾ گھڙي سندس ٽي ڍور ڪاھي فرار ٿي ويا ۔ ڳوٺاڻا ھٿيار کڻي پيري پويان ويل آهن ٻئي پاسي نندواڻي برادري جي ماڻهن جو جان محمد نندواڻي جي اڳوڻي ۾ لڪڙ هوٽل ڀر سان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ڪجهه دير بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي ٻئي چوريون واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں