8

عوامي ووٽ جي طاقت سان ديانتدار قيادت چونڊ ڪري سگهي ٿو: شهباز شريف

لاهور: (خميس 29 اپريل 2021ع) شهباز شريف  چيو آهي ته عوام ووٽ جي آئيني ۽ جمهوري حق کي استعمال ڪري. ديانتدار قيادت چونڊ ڪري سگهي ٿو.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) عوام جي اعتماد کي ڪڏهن به نقصان ناهي پهچايو. اسان جو رڪارڊ هميشه واعدن کي پورو ڪرڻ جو رهيو آهي.

عوام ماضي جيان هڪ دفعو ٻيهر صحيح فيصلو ڪندي. يقين ڏياريان ٿو ته اوهان جا بنيادي مسئلا انشاءَالله لازمي حل ٿيندا.

شهباز شريف چيو ته ڪورونا وبا جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي پنهنجو ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جو خيال رکو. ماسڪ پائي پنهنجي جان جي حفاظت ڪريو ۽ شينهن کي ووٽ ڏئي پنهنجي مستقبل  کي محفوظ بنايو.

اپنا تبصرہ بھیجیں