10

عمران خان جي سياسي حڪمت عملي شهباز شريف کي بولڊ ڪري ڇڏيو: فواد چوڌري

اسلام آباد: (سومر 14  جون 2021ع) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي سياسي ۽ معاشي حڪمت عملي شهباز شريف کي ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف وٽ بجيٽ جي خلاف ڳالهائڻ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڇو ته عمران خان جي سياسي ۽ معاشي حڪمت عملي کيس ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو آهي.

اپوزيشن اڳواڻ حڪومت جي معاشي پاليسي تي ڪهڙي منهن سان تنقيد ڪندا. جڏهن ته انهن کي خبر آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي ڪمپني رڪارڊ منافعو ڪمايو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڪستان جي معيشت کي ترقي جي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته پي ڊي ايم جي کٽارا بس زوال جي ان ڪچي روڊ تي لهي وئي آهي جنهن جي اڳيان ڊيڊ اينڊ لکيل آهي. وزيراعظم تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري اپوزيشن جي گاڏي لاءِ سياسي ڊيزل جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں