ضلعي انتظاميه مٽياري پاران مٽياري شهر اندر لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ 11 دڪان سيل

ضلعي انتظاميه مٽياري پاران مٽياري شهر اندر لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ 11 دڪان سيل ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پاران شهرين توڙي واپارين کي گهرو کاتي پاران جاري ايس او پيز تي هر صورت عمل ڪرڻ جي هدايت ۽ خلاف ورزي جي صورت ۾ سخت ايڪشن کڻڻ جي وارننگ جاري ڪئي ويئي جڏهن ته هالا، ڀٽ شاهه ۽ نيوسعيد آباد سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف به انتظاميه پاران ڪارروائيون جاري. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ڊي ايس پي مٽياري عبدالرحمٰن سان گڏجي مٽياري شهر جي مين روڊ، بازار توڙي مختلف چوراهن جو دورو ڪري لاڪ ڊائون جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ خلاف ورزي ڪندڙ 11 دڪان سيل ڪيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي جو چوڻ هو ته انتظاميه وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جاري ايس او پيز ۽ لاڪ ڊائون تي هر صورت عمل ڪرائڻ جي پابند آهي ان ڪري خلاف ڪندڙن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن شهرين توڙي واپارين تي زور ڀريو ته هو ڪرونا وبا کي روڪڻ لاءِ انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪن، ماسڪ، سينيٽائزر جي استعمال سان گڏوگڏ غير ضروري طور گهر کان ٻاهر نه نڪرن ۽ صحت کاتي پاران قائم ويڪسينيشن سينٽرن تي وڌ ۾ وڌ ويڪسينيشن ڪرائي ذميواري شهري جو ثبوت ڏين. ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيدآباد فهد مير سهتو ۽ مختيارڪار هالا نصرالله چاوڙو پوليس عملدارن سان گڏجي سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائيندي لاڪ ڊائون کي يقيني بڻايو ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي.