3

صوماليا ۾ چانهن جي هوٽل تي آپگهاتي حملو، چار ڄڻا مارجي ويا

موغاديشو:صوماليا ۾ چانهن جي هوٽل ۾ حملو ڪندڙ پاڻ کي آپگهاتي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو نتيجي ۾ 4 نوجوان مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

عالمي خابرو اداري موجب صوماليا جي راڄڌاني موغاديشو ۾ نوجوان ۾ مشهور چانهن جي هوٽل تي آپگهاتي بمبار حملو ڪيو، آپگهاتي حملي ۾ هڪ ٻارر سميت 4 نوجوان مارجي ويا جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چانهن جي هوٽل ويجهو ئي پوليس اسٽيشن موجود آهي جنهن ۾ هر وقت نوجوانن جو وڏو انگ موجود هوندو هو جڏهن ته پوليس اهلڪار به اتان ئي چانهن وٺندا آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں