10

صدر عارف علوي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (سومر 12 اپريل 2021ع) صدر عارف علوي ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته اوهان سڀني جي دعائن سان مان ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويو آهيان مون اڄوڪو ڏينهن ڪم ڪري گذاريو.

صدر عارف علوي چيو ته ڪورونا سبب صرف 2 ڏينهن بخار ۽ جسم ۾ تڪليف ٿي پر اڃان تائين ڪمزوري محسوس ڪري رهيو آهيان. عارف علوي چيو ته اهو فيصلو الله کي ڪرڻو آهي ته ڪنهن جو وقت ويجهو ٿي ويو آهي.

صدر پاڪستان عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي اپيل ڪئي. واضح رهي ته صدر عارف علوي 29 مارچ تي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو هو جنهن جي تصديق به هن ٽوئٽر ذريعي ڪئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں