4

شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس ۾ ٻه پائلٽس ڀينرون به شامل

اسلام آباد: (سومر 29 جون 2020ع) شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس جي حڪومتي لسٽ ۾ 2 عورت پائلٽس به شامل آهن. ذريعن موجب شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس جي لسٽ ۾ 115 نمبر تي 2 ڀينرون ارم مسعود ۽ مريم مسعود جا نالا به شامل آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻئي ڀينرون ارم مسعود ۽ مريم مسعود جو فلائنگ لائسنس شڪي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي ڀينرن هڪ ئي وقت بوئنگ 777 جهاز اڏائي رڪارڊ به قائم ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پائلٽ مريم مسعود کي اڳ ئي گرائونڊ ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

مريم مسعود گلگت ۾ جهاز جي لينڊنگ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي ۽ ڪوتاهي سبب جهاز رن وي تان لهي ويو هو پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو هو.

پي آءِ اي جي ترجمان طرفان ٻنهي عورت پائلٽس کي جهاز اڏائڻ کان روڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن هوابازي واري وزارت 262 شڪي پائلٽس جي لسٽ جاري ڪئي هئي جنهن تي وفاقي وزير غلام سرور خان چيو هو ته 148 شڪي لائسنس  جي لسٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز(پي آءِ اي) ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ انهن کي هوابازي کان روڪيو ويو آهي.

غلام سرور خان موجب ٻيا شڪي لائسنس رکندڙ پائلٽس 100 کان وڌيڪ آهن انهن جا تفصيل به سول ايوي ايشن ويب سائٽ تي موڪليا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں