2

شهدادپور ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي جو مطالبو

شھدادپور( سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ عام واهپي جي شين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، منافعي خور دڪاندار مافيا جي ھٿراڌو مهانگائي سبب عوام پريشان آھي ۽ دڪاندارن هڪ هٽي قائم ڪري ورتي آھي ۽  اگھن تي ڪنٽرول ڪندڙ اختياريون بدستور اگھور ننڊ۾  ستل آھن.

ان سلسلي ۾ شھر اندر ننڍو گوشت 900 روپيا ڪلو، وڏو گوشت 500 روپيا ڪلو، مڇي450 روپيا ڪلو، فارمي مرغي 380 روپيا ڪلو، کاڄرو تيل 250 روپين کان 280 روپيا ڪلو،  اٽو 70 روپيا ڪلو، چانورسيلا 200 روپيا ڪلو، دال380 روپيا ڪلو، کنڊ 110 روپيا ڪلو، بصر 90 روپيا ڪلو، ٽماٽا 200 روپيا ڪلو، ڀنيڍيون 120 روپيا ڪلو گوبي، پالڪ،  بند گوبي، موري، گوگڙو، گجر 100 کان 150 روپيا ڪلو، ساوا مرچ 200 روپيا ڪلو، ٿوم 90 روپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي جنهن ڪري مزودورن توڙي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ گوشت مڇي فروٽ کائڻ خواب بڻجي ويو آهي.

ان ڏس ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واپارين توڙي دڪاندارن ملي ڀڳت ڪري عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگھ مقرر ڪري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، ڊي سي سانگھڙ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شھدادپور ۾ ھٿراڏو مھنگائي ڪندڙ ماشا خور ملاوٽ خور ۽ منافعي خور دڪاندارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري سبزي منڊي ۾ شام جو غيرقانوني واڪ ڪري مھانگائي ڪندڙن کي قابو ڪري غريب عوام مان پريشاني ختم ڪئي وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں