9

سڪينه سمون جي فلم”انتظار“جو ورلڊ پريميئر هارلم فلم فيسٽيول ۾ ٿيندو

ڪراچي: پاڪستان انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي ادڪاره سڪينه سمون جي ڊيبيو فلم ”انتظار“ جو ورلڊ پريميئر ”هارلم فيسٽيول“ نيويارڪ ۾ ٿيندو.

فلم انتظار بطور ڊائريڪٽر ۽ پرڊيوسر اداڪاره سڪينه سمون جي پهرين فلم آهي جنهن کي هلندڙ سال مارچ ۾ رليز ڪرڻو هو پر عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سينيما گهر بند ٿي ويا ۽ فلم کي رليز ڪرڻ ملتوي ڪيو ويو، ان حوالي سان سڪينه سمون انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي.

اداڪاره پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته سندس دل عزيز فلم ”انتظار“ جو ورلڊ پريميئر هارلم فلم فيسٽيول نيويارڪ ۾ ٿيندو.

فلم ۾ اداڪاره ثمينه احمد، ڪيف غزنوي، عدنان جعفر، رضا علي عابد ۽ خالد احمد اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جڏهن ته فلم جي ڪهاڻي ليکڪه بي گل لکي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں