14

سڪرنڊ: ايس يو پي جي اڳواڻي ۾ واڌو لوڊشيڊنگ خلاف حيسڪو آفيس اڳيان احتجاج

سڪرنڊ( رپورٽ: مشتاق سولنگي)سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سڪرنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ سڪرنڊ جي يارهن سياسي ۽ سماجي پارٽين پاران حيسڪو سڪرنڊ جي غير قانوني طور ڪيل واڌو لوڊشيڊنگ خلاف حيسڪو آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ايس يو پي جي ضلعي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف لاڳيتي تحريڪ هلائي ويندي، ان سلسلي ۾ اڄ پهرين ڏينهن احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، هن وڌيڪ چيو ته حيسڪو پاران اعلانيل  شيڊيول جي خلاف لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهنڪري شهري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، جيڪڏھن واڌو  لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته هي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

ڌرڻي ۾ شامل مختلف اڳواڻن گڏيل مطالبو ڪندي چيو ته شهر ۾ چار ڪلاڪ ۽ ٻھراڙي ۾ ڇھ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، تعلقه اسپتال سڪرنڊ ، نادرا آفيس ۽ سول ڪورٽ سڪرنڊ ۾ صبح نائين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، هنن مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاجي جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.

 ڌرڻي ۾ شهري اتحاد جي سرپرست سيد احسان شاه، فنڪشنل مسلم ليگ جي نظام الدين سنجراڻي، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفٰى مگسي، حاجي رفيق خانزاده، ايس يو پي جي علي بخش ڪيريو، قلندر بخش ملاح، مجيد عباسي، نعيم انصاري، عبدالطيف سولنگي، عبيدالله ڪيريو ۽ ٻين سياسي سماجي پارٽين جي ماڻھن شرڪت ڪئي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں