14

سکر () سکر ۾ خيرپور

سکر () سکر ۾ خيرپور شهر جي علائقي علي رضا ٿلهي جو رهواسي هندو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيندڙ نوجوان محمد عثمان پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو دانهيو آهي تہ هن ست مهينا اڳ هندو ڌرم ڇڏي پنهنجو نالو هريچند مان مسلمان نالو محمد عثمان رکي هماديه مدرسي ۾ حافظ محمد يوسف جي هٿ تي مسلمان ٿيو هيس پر هاڻ منهنجا مائٽ مونکي زبردستي حراسان ڪري مونکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ انڊيا موڪلڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن ڪيترائي ڀيرا سني، استاد دليپ ۽ ٻين تشدد پڻ ڪيو آهي ۽ هاڻ منهنجي زندگي خطري ۾ آهي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ مونکي مائٽن جي ظلم کان بچائي منهنجو شناختي ڪارڊ مسلمان نالي محمد عثمان سان ٺاهي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں