19

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڪرونا وبا خلاف جنگ جاري آهي، ڪاميابي اسان جي ئي ٿيئڻي آهي. ان جي خاتمي تائين اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وبا جي روڪ لاءِ ڪميونٽي ادارن جو ڪردار به اهم آهي. انهن جي شرڪت ۽ سهڪار سان خاص طور تي هيٺين سطح تي اثرائتي طريقي سان ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري سرسو پاران ڪميونٽي اداران سان گڏجي ڪرونا وبا خلاف لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ يورپين ڪميشن هيومينٽيرين آفيس( ايڪو) ۽ رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ (آر ايس پي اين) جي سهڪار سان عوامي جاڳرتا جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. اهي ڳالهيون سنڌ ۾ ٻهراڙي جي ترقي ۽ غربت گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر محترم محمد ڏتل ڪلهوڙو پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيون آهن. سي اِي او سرسو جي بيان مطابق ”سرسو پنهنجي سڀ کان پراڻي ۽ اهم ساٿي اداري آر ايس پي اين جي سهڪار سان سنڌ جي ٻن ضلعن لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ڪرونا وبا جي روڪ لاءِ ايڪو جي هيومينٽيرين امپليمينٽيشن پلان (هپ) تحت مختلف سرگرميون شروع ڪيون آهن. جنهن جو مکيه مقصد ڪرونا وبا جي روڪ لاءِ احتياطي اُپائن بابت عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي“. پاڻ وڌيڪ چيو آهي ته ان حوالي سان سرسو پاران پاڙي، ڳوٺ ۽ يونين ڪائونسل سطح تي جوڙيل ڪميونٽي اداران ، ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي. سرسو پاران منصوبي جي فوڪل پرسن محمد اڪرم شيخ منصوبي بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته” نومبر مهيني کان ٻنهي ضلعن ۾ منصوبي جو باقاعده سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. جنهن لاءِ هڪ ٽيم جوڙي انهن جي تربيت ڪئي ويئي آهي. ان کان علاوه ٻنهي ضلعن جي ڪل 83 يونين ڪائونسلن ( شڪارپور 37 ۽ لاڙڪاڻو 46) جي لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشنس (ايل ايس اوز) جي 830 نمائندن جي هڪ ڏينهن جي تربيت ۽ جڏهن ته 830 ڪميونٽي ريسورس پرسنس ((415 مرد ۽ 415 عورت)) جي ٻن ڏينهن جي ڪرونا وبا جي روڪ ۽ احتياطي اُپائن بابت تربيت ڪئي پئي وڃي، جيڪي پوءِ هيٺين سطح تي ڳوٺاڻي ڪميونٽين ۾ وبا بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ، شڪي ڪيسن جي نشاندهي ڪرڻ، انهن جي صحت جي سهولتن تائين رسائي ۽ احتياطي اُپاءَ اختيار ڪرڻ لاءِ عملي ڪم ڪندا. “ پاڻ وڌيڪ چيو ته ” سرسو ضلعي انتظاميه جي ڀرپور سهڪار ۽ رابطاڪاري ذريعي هي سڀ سرگرميون ڪري رهي آهي. هن منصوبي هيٺ ضلعي صحت کاتي ۽ اسپتالن جي عملي جي حفاظت لاءِ ڪرونا وبا جي حفاطتي سامان (پي پي اِيز) جي فراهمي به شامل آهي. ان کان علاوه 101 هٿ ڌوئڻ جون جڳهون (هينڊ واشنگ اسٽيشنس) سرڪاري اسپتالن، مارڪيٽ ۽ اسڪولن ۾ پڻ قائم ڪيون وينديون.“
سرسو شروع کان ڪرونا وبا جي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي. ان لاءِ سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) ۽ ضلعي انتظاميه جي ڀرپور سهڪار ۽ رابطاڪاري سان ڪم ڪري آهي. جڏهن ته هيٺين سطح تي ڪميونٽي ادارن جي شرڪتداري سان عوامي جاڳرتا مهمون به زور شور سان جاري آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں