7

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ عدالتي حڪم باوجود قبرستانن تي قبضا ڪرڻ رڪجي نه سگهيا سکر جي قديمي قبرستان لعل مشائخ العروف ڪمال شاھ تي بلڊر ۽ قبضا مافيا قبرن کي ميساري هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪيون آھن گزريل ڏينهن سکر جي کوسا برادري پاران لاش دفنائڻ بعد قبرستان تي ٿيندڙ قبضن ۽ قبرن جي بي حرمتي خلاف سوين ماڻھن احتجاجي مظاهرو ڪري قبضا مافيا خلاف نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين عبد القيوم کوسو۔شمس الدين۔عرفان۔ اشفاق کوسو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سکر جي سبزي منڊي لڳ تاريخي قبرستان لعل مشائخ المعروف ڪمال شاھ جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم عليشاھ جو ڏاڏو ۽ ايم اين اي سيده نفيسه شاھ جو پڙ ڏاڏو به دفن آھي جنهن جي قبر مٿان مقبرو به تعمير ٿيل آھي ان قديمي قبرستان جون قبرون ميساري بلڊر ۽ قبضا گروپ رهائشي اسڪيمون هلائي قبرن ۽ قبرستان جو تقدس پائمال ڪري رهيا آھن عدالتي حڪم باوجود انهن خلاف انتظاميا ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪري جڏهن ته هائوسنگ اسڪيمن جي آڙ۾ سبزي منڊي جي واپارين به قبضا ڪري قبرون ميساري ڇڏيون آھن ۔مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان۔ وزير اعظم پاڪستان۔ سنڌ جي وڏي وزير سميت سيد قائم علي شاھ ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آھي ته قديمي قبرستان کي بچائڻ لاء نوٽيس وٺندي بلڊر ۽ قبضي خورن خلاف سخت قدم کڻي قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڪردار ادا ڪيو وڃي۔

اپنا تبصرہ بھیجیں