17

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته ٻنهي جهانن جي سردار رحمت العالمين صلي الله عليه وآله وسلم جي دنيا ۾ آمد سان ظلم جي اوندهه جو خاتمو ٿيو، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو پيغام پيار ۽ محبت جو پيغام آهي، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم هميشه ڀائي چاري جو درس ڏنوآهي، پاڻ صلي الله عليه وآله سلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي انسانيت ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهي ٿي، فرانس ۾ حڪومتي سطح تي گستاخانه خاڪن سان عالم اسلام جي دل آزاري ٿي آهي، ڪو به مسلمان پنهنجي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ معمولي به گستاخي برداشت نٿو ڪري سگهي، اهو اسان جي ايمان ۽ عقيدي جو حصو آهي، واپاري برادري پنهنجي پياري نبي صلي الله عليه وآله وسلم جو جشن ولادات شايان شان طريقي سان ملهائيندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مخلتف علائقن مان آيل واپارين جي نمائنده وفد سان ڳالهه ٻولهه جي دوران ڪيو، ان موقعي تي حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي عبدالستار راجپوت، محمد زبير قريشي، شڪيل قريشي، عبدالقادر شيواني، حاجي رئيس قريشي، حافظ محمد شريف ڏاڏا، بابو فاروقي، ظهير حسين ڀٽي، عبدالباري انصاري، محمد منير ميمڻ، جاويد کوسو، محمد شبير ميمڻ، محبوب صديقي، راشد خان، اعظم خان، بابو ڪريم، احسان ٻنڌاڻي، نعمان، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، لاله محب، محمد عارف ڀٽي، امداد جهنڊير، طارق ميراڻي، محمد سجاد عامر، صداقت خان، عبدالحميد بروهي، فخرالدين عباسي، ذاڪر خان ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي جهانن جي سردار حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت مبارڪ ڪائنات جي عظيم ترين ۽ سڀ کان وڏي خوشي آهي، جنهن کي مسلمان انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ڪري حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سان پنهنجي محبت ۽ قلبي لڳاءُ جو اظهار ڪندا آهن، عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم واپاري برادري شان ۽شوڪت سان ملهائيندي، هنن حڪومت ۽ اسلامي ملڪن جي سربراهن کان مطالبو ڪيو ته هو گستاخانه خاڪن تي فرانس کان مڪمل طور تي سفارتي ۽ اقتصادي تعلقات کي ختم ڪري ان جي سفير کي ملڪ بدر ڪن ۽ فرانسيسي مصنوعات جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪيو وڃي، اهل ايمان پنهنجي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي شان اقدس ۾ معمولي گستاخي به برداشت نٿا ڪري سگهن. اسان تحفظ ناموس رسالت تي جان قربان ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهيون.

اپنا تبصرہ بھیجیں