8

سڄي دنيا ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ پنج ڪروڙ، فوتگيون ٻارنهن لک کان مٿي ٿي ويون

نيويارڪ: (اڱارو 10 نومبر 2020ع) سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي رڪارڊ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. جنهن سبب عالمي سطح تي ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن جو انگ به 12 لک 50 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

عالمي سطح تي ڪورونا ڪيسن جا نوان انگ اکر جوهن هوپڪن  يونيورسٽي طرفان جاري ڪيا ويا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ناقص ٽيسٽنگ سبب گڏيل مريضن جي انگ ۾ تمام گهڻي واڌ نظر اچي رهي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز جي رپورٽ موجب وائرس جي ٻئي لهر سڄي دنيا جي سمورن گڏيل ڪيسن جو هڪ چوٿائي آهي.

سڄي دنيا ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 ڪروڙ تائين پهچي چڪو آهي جنهن ۾ يورپ هڪ ڪروڙ 20 لک ڪيس ۽ 3 لک کان وڌيڪ فوتگين سان گڏ عالمي مرڪز قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه صرف آمريڪا ۾ ئي لاڳيتو 3 ڏينهن تائين روزاني هڪ لک 25 هزار مثبت ڪيس سامهون ايا آهن جتي ڪيسن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي چڪوآهي. جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ ڊڪوٽا جي رياستن ۾ ڪيسن جي شرح فوتگين کان اڳيان وڌي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب فرانس ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 271 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 40 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. يورپ ۾ ڪورونا وائرس برطانيه کي پنهنجو ڳڙهه بنائي ڇڏيو آهي جتي سڀني کان وڌيڪ 49 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ سان گڏ وڌيڪ 156 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

ان کان علاوه ڀارت ۽ برازيل ۾ به ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي آهي جتي ڀارت ۾  هينئر تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 85 لک کان وڌيڪ ٿي ويو آهي ۽ فوتگيون به هڪ لک 27 هزار کان مٿي ٿي ويون آهن جنهن سبب ڀارت دنيا ۾ ڪورونا متاثر ٻيون وڏو ملڪ آهي جڏهن ته برازيل جو ٽيون نمبر آهي جتي ٽوٽل ڪيسن جو انگ 56 لک کان وڌيڪ آهي ۽ فوتگيون هڪ لک 62 هزار کان وڌيڪ آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں