3

سيڪيورٽي فورسز عوام جي مدد سان دهشتگردي کي شڪست ڏني:ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: (سومر 22 فيبروري 2021ع) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته آپريشن ردالفساد صرف فوجي آپريشن نه هو، دهشتگردي کان سياحت تائين جو سفر نهايت ئي صبر سان ڪيو. اڃان اسان کي گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. سيڪيورٽي فورسز عوام جي مدد سان دهشتگردي  کي شڪست ڏني.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آپريشن ردالفساد کي 4 سال مڪمل ٿي ويا. آپريشن جو دائرو سڄي ملڪ تي ٻڌل هو. آپريشن جو مقصد امن قائم ڪرڻ هو آپريشن ردالفساد جو محور عوام هو. هر پاڪستاني ردالفساد جو سپاهي آهي آپريشن جي حوالي سان ٽائمنگ اهم آهي. آپريشن کان پوءِ دهشتگردن  ملڪ جي ڀرپاسي ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته طاقت جو استعمال صرف رياست جو صوابديد آهي. آپريشن ردالفساد جي شروعات دهشتگردي جي خلاف ٿيو. عوام جي مدد سان سيڪيورٽي  فورسز دهشتگردي جو خاتمو ڪيو. آپريشن ردالفساد جي تحت خيبر فور آپريشن به ڪيو ويو. 750 ڪلو ميٽر رقبي تي رياست جي رٽ بحال ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ تي حملي کي ناڪام بنايو ويو. سڄي ملڪ مان 72 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 2017 کان هنيئر تائين سيڪيورٽي ونگز تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويو. 497 بارڊر ٽرمينلز به تعمير ڪيا ويا. قبائلي ضلعن ۾ ڊي مائننگ ڪئي وئي جيڪا وڏي اهم اڳڀرائي آهي. 40 هزار بارودي سرنگون ريڪور ڪيون ويون. ڊي مائننگ جي دوران اسان جا 2 جوان شهيد ۽ 119 زخمي ٿيا. 1684 ڪراس بارڊر واقعا ٿيا. پاڪ افغان بارڊر تي ڪم 84 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر  چيو ته آپريشن کان پوءِ اسان نارمل صورتحال طرف وڃي رهيا آهيون. 4 سالن ۾ 37 هزار 420 اهلڪارن جي ٽريننگ ڪئي. 3 هزار 895 ليويز اهلڪارن جي ٽريننگ ڪئي. 417 ڪيسز ملٽري ڪورٽس کي ريفر ڪيا. 195 دهشتگردن کي مختلف سزائون ٻڏايون ويون. ٽارگيٽ ڪلنگ تي بهتر طريقي سان قابو ڪيو ويو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي.

ڪراچي ڪرائم انڊيڪس ۾ اڄ 106 نمبر تي آهي قبائلي ضلعن ۾ 31 بلين جي لاڳت سان ترقياتي ڪمن جي شروعات ٿي چڪي. ٽيررازم کان ٽورازم تائين جو سفر انتهائي پيچيده هو. ڪورونا وبا دوران دانشمندي سان  چيلنج تي قابو ڪيو. نئين چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. نيشنل ايڪشن پلان جا مڪمل حدف حاصل ڪنداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں