2

سينيٽ چونڊون: تحريڪ انصاف پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جي نگراني شروع ڪري ڇڏي

پشاور: (سومر 22 فيبروري 2021ع) خيبرپختونخواهه جي حڪومت تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي حفاظت ۽ نگراني لاءِ خاص انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نوشهره ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف اميدوار جي شڪست ۽ صوبائي وزير آبپاشي لياقت خٽڪ کي صوبائي ڪابينه مان فارغ ڪرڻ سبب پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جي حفاظت ۽ نگراني جو خاص انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جي لاءِ صوبائي وزيرن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن جيڪي ايم پي ايز جي گروپن جي نگراني جا فرض انجام ڏيندا.

صوبي ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جي صفن ۾ نوشهره ضمني چونڊ ۽ صوبائي وزير آٻپاشي لياقت خٽڪ کي ڪابينه مان فارغ ڪرڻ کان پوءِ تڪرار شروع ٿي ويا آهن. مذڪوره صورتحال جي حوالي سان سينيٽ چونڊن جي لاءِ حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي ايم پي ايز جي خاص نگراني ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن انهن سان ڪير به رابطو ڪري ته ان صورتحال کي فوري طور تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. ان حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا گروپ ٺاهيا ويا آهن. جنهن جي نگراني جو ڪم صوبائي وزيرن جي حوالي ڪيو پيو وڃي.

بلوچستان عوامي پارٽي جي ايم پي ايز جي نگراني صوبائي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ بلاول آفريدي پاڻ ڪندو. ان باري ۾ رابطو ڪرڻ تي سرڪاري ذريعن ٻڌايو آهي ته لياقت خٽڪ جي ڪابينه مان فارغ ڪرڻ سان مسئلا ته ضرور پيدا ٿيا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي مسئلي کان بچڻ جي لاءِ ئي ميمبرن مٿان نظر رکي پئي وڃي. ذريعن ٻڌايو ته وڏي وزير محمود خان پاڻ سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پارٽي اڳواڻ به ان سلسلي ۾ سندس مدد ڪري رهيا آهن.

وڏو وزير جلد ئي تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرائڻ کان علاوه اسيمبلي ميمبرن سان ڊويزن وائز ۽ انفرادي ملاقاتون به ڪندو ته جيئن سندن گلا شڪوا ختم ڪري سگهجن. ذريعن ٻڌايو ته حڪمران پارٽي جو سينيٽ چونڊن جي لاءِ حدف 10 سيٽن تي ڪاميابي کي يقيني بنائڻ آهي جنهن جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.

اپنا تبصرہ بھیجیں