2

سينيٽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ غيرجانبدار نظر اچي رهي آهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد: (سومر 22 فيبروري 2021ع) سينيت چونڊن ۾ اسلام آباد مان پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ غيرجانبدار آهي.

مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کان پوءِ يوسف رضا گيلاني صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين جو ٿورائتو آهيان جنهن گڏيل طور تي مون کي اميدوار چونڊيو آهي. مون پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو سٺو رد عمل مليو آهي اها سوڀ جمهوري طاقتن جي  هوندي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته اڄ عمران خان وزيرن سميت پنهنجن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان ملي رهيو آهي ان جو سبب مان ئي آهيان. منهنجو جهانگير ترين سان ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ملاقات ٿي آهي. هو منهنجو مائٽ آهي اهو چوڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته مون کي نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار آهي(ن) ليگ مون کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بنايو هو ۽ هاڻ به(ن) ليگ حمايت ڪري رهي آهي. مون کي ان وقت به لاڳاپن جي بنياد تي ووٽ مليا ۽ هاڻ به ان ڪارڪردگي تي ووٽ ملندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں