14

سنڌ جو بصر مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ئي ايڪسپورٽ تي پابندي، آبادگار ڏچي ۾ اچي ويا

مسوڀرڳڙي (رپوٽ: پانچورام) تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي سميت سڄي سنڌ جو بصر مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي سرڪار پاران ايڪسپورٽ تي پابندي سبب بصر جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ، آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا، بصر جي درآمد کولڻ جو مطالبو.

تفصيل موجب سڄي سنڌ جيان تعلقي حيدرآباد رورل ۾ پڻ بصر جو نئون فصل لھڻ شرط بصر جو اگھ ڪري پيو آھي، 7 لک روپين جي تائين وڪامجندڙ ٽرڪ 3 لکن تي اچي وئي آھي، اچانڪ ايڪسپورٽ تي پابندي سبب سڄي سنڌ سميت مسوڀرڳڙي حيدرآباد رورل ۾ آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آھي.

سنڌ جي آڳاٽي بصر جي فصل جي مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط وفاقي سرڪار جي غلط پاليسي سبب آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا، جنھن 2700 روپين تائين وڪامندڙ بصر جو ريٽ 1400 روپيا مڻ تي اچي ويو،  ھزارين ايڪڙن تي پوکيل بصر ڪڍڻ لاءِ آبادگار پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن، بصر جي فصل بابت پاليسي نه ھجڻ تي آبادگارن ۾ ڳڻتي جي لھر پکڙجي وئي آھي ۽ آبادگارن طرفان احتجاج جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

ان سلسلي ۾ مسوڀرڳڙي سميت تعلقي حيدرآباد جي آبادگارن مير ماهيوال، ستار ابڙو، محمد بخش وگهيو، حاجي غلام حسين وسير  ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار جو سنڌ جي آبادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته ايران ۽ افغانستان مان وڏي پيماني تي بصر گھرائي سنڌ جي آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي، آبادگارن چيو ته  سنڌ جي بصر کي ايڪسپورٽ ڪري آبادگارن کي فائدو ڏئي سگهجي ٿو پر ھٿ وٺي نقصان ڏنو پيو وڃي، آبادگارن چتا ڏنو ته جيڪڏھن ايڪسپورٽ نه کولي وئي ته ھو احتجاجن بصر جي فصل کي ڀيلائي ڇڏيندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں