سموري سنڌ جا ڪاروباري مرڪز اڄ شام ڇهين وڳي کان صبح ڇهين وڳي تائين بند رهندا

ڪراچي: (سومر 26 جولاءِ 2021ع)  سنڌ صوبي جا سمورا ڪاروباري مرڪز، شاپنگ مالز ۽ ٻيو ڪاروبار شام 5 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين بند رهندا.

رپورٽ موجب سموري سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ واڌ کان پوءِ صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عمل ڪرڻ جي اڄ کان شروعات ٿيندي. ان حوالي سان سنڌ جي گهرو وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي جا سمورا تعليمي ادارا 31 جولائي تائين بند رهندا. پر اسڪولز ۽ ڪاليج جا صرف جاري امتحان ايس او پيز تحت منعقد ٿيندا. جڏهن ته صوبي ۾ ڪاروباري وقت صبح 6 وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين هوندا.

سنڌ جي گهرو وزارت موجب ڪاروباري مرڪز، شاپنگ مالز ۽ ٻيو ڪاروبار شام 6 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين بند رهندو. شاپنگ مالز يا وڏن واپاري مرڪزن ۾ واقع ميڊيڪل اسٽورز، فوڊ ڪورٽ به شام 6  کان پوءِ مڪمل طور بند رهندا. وقت جي پابندي عام واهپي وارين شين جنهن ۾ بيڪري، کير جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور تي لاڳو نه هوندي. جمعي ۽ آچر جي ڏينهن ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهندا. گهرو وزارت چيو آهي ته اڄ کان شادي هال سان گڏوگڏ ريسٽورينٽس تي انڊور آئوٽ ڊور ڊائننگ تي پابندي لاڳو هوندي.

ريسٽورينٽ تان ٽيڪ اوي رات 10 وڳي تائين جڏهن ته هوم ڊليوري سروس رات جو 12  وڳي تائين جي اجازت هوندي. اڄ کان سرڪاري ۽ نجي سيڪٽر جي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف حاضر هوندو. سرڪاري آفيسن ۾ ويٽرز جي داخلا تي پابندي هوندي. پابندي جا حڪم هڪ هفتي تائين لاڳو رهندا.