12

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)

 سنڌ ايمپلائيز گريند الائينس پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو 25 مئي تي ڪراچي ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ھائوس جو گھيرائو ڪرڻ جو چتاءُ ان موقعي تي اسماعيل چانگ، رستم نظاماڻي،ملڪ محمود شاھد ، آغا خداداد خان، غلام رسول چنڙ ۽ٻين چيو ته وفاقي حڪومت ملازمن جون پگهارون 25 سيڪڙو وڌايون آهن پر سنڌ سرڪار ملازمن جي پگهار نه ٿي وڌائي، سنڌ جي سڀني سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس ڏني وڃي، يوٽيلٽي الائونس سڀني ملازمن کي ھڪ جھڙو ڏنو وڃي، سن ڪوٽا ڏني وڃي، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ھنن چيو ته اسان سنڌ حڪومت کي 12 مطالبن جو چاٽر آف ڊمانڊ ڏنو آهي ان تي عمل نه ٿيو ته 25 مئي تي سموري سنڌ جا سمورا سرڪاري ملازم ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندا ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ھائوس جو گھيرائو ڪيو ويندو

اپنا تبصرہ بھیجیں