15

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)

ايريگيشن ايل بي او ڊي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن ڊرينج ڊويزن جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو نعري بازي ان موقعي تي اڳواڻن خان محمد نظاماڻي، اياز اعواڻ ،پپو شر، سينگار لاشاري، حاجي مري ۽ٻين چيو ته ايل بي او ڊي جا جيڪي ملازم پڪا ٿيا انهن جون پگهارن جون آئي ڊيز بند ڪيون ويون آهن ۽ اڃان ڪيترا ملازم ڪچا آهن اليڪٽريشن مڪينڪ کي پڪو ڪرڻ جي سمري به سيڪريٽري آبپاشي پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي وزير اعلي ڏانهن نه ٿو موڪلي انهن کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن لاءِ اڳ به ڪيترا احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن پر سيڪريٽري آبپاشي ڪو به قدم نه ٿو کڻي ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ٿيا ته عيد تائين پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ھڙتال ڪئي ويندي

اپنا تبصرہ بھیجیں