3

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي )

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاهه اڄ ضلعي سانگهڙ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪمن توڙي ٻين انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ۽ ٻيان لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. ڊويزنل ڪمشنر سيد محسن علي شاهه سانگهڙ شهر جي چلڊرين پارڪ، راڻي باغ، ميونسپل آفيس ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو دورو ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته راڻي باغ جي تعمير جي ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ته جئين شهرين کي تفريح ۽ بهتر ماحول مهيا ٿي سگهي. جنهن کانپوءِ ڪمشنر سيد محسن شاهه کپرو شهر جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو ورتو ۽ متاثرن جي بحالي واري ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ٻوڏ واري صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو ۽ علائقن مان پاڻي جو فوري نيڪالي کي يقيني بڻايو. ان موقعي تي ڪمشنر کي کپرو ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت آگاهي پڻ ڏني وئي. ڊويزنل ڪمشنر سانگهڙ ۾ غير سرڪاري تنظيم هينڊس جو به دورو ڪيو جتي هينڊس جي ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيوٽو مينجر منصور جبار ميمڻ ۽ نامياري ليکڪ نواز ڪنڀر ڊويزنل ڪمشنر کي سانگهڙ جي ادبي، تعليمي ۽ سماجي صورتحال بابت آگاهي ڏني جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ڊويزنل ڪمشنر کي ٻڌايو ته ٻوڏ، ڪورونا وائرس ۽ مختلف علائقن ۾ باهه جي واقعن سبب متاثرن جي مدد لاءِ هينڊس سميت ضلعي جي مختلف غير سرڪاري تنظيمن جو سهڪار ساراهه جوڳو آهي. جنهن تي ڊويزنل ڪمشنر خوشي جو اظهار ڪندي هينڊس تنظيم کي هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. جڏهن ته ڊويزنل ڪمشنر نواز ڪنڀر جي اصرار تي سانگھڙ ميونسپل ۾ قائم لائبريري کي فعال ڪرڻ، وڻن جي واڍي خلاف قدم کڻن ۽ نوان وڻ پوکڻ لا۽ باقاعده مھم ھلائڻ جو يقين پڻ ڏياريو ـ بعد ۾ ڊويزنل ڪمشنر گجري واري علائقي جو پڻ دورو ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں