سانگهڙ ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي )

سانگهڙ ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سنجهوري ويجهو 22 جمڙائو ۾ ديھ 13 جمڙائو ۽ 15 جمڙائو جي آبادگارن جو سم نالي جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ،

خبر موجب ديھ 13 ۽ 15 جمڙائو جي آبادگارن يار محمد چآنگ ،فوٽو فقير چآنگ ، شآھنواز بروهي ، محمد خان چآنهيو ، وارث خان جهلڻ ، محمد علي خاصخيلي ۽ پير ڏنو مڱريو 22 جمڙائو ۾ احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سم نالي جي کاٽي نه ٿيڻ سبب سم نالي ۾ ماڻھوء جي قد کان وڏي پلھ ، سر ۽ گند گاھ جمع ٿي ويو آھي جنهن سان سم نالي جي پاڻي وهڪري ۾ ڏکيائي پيدا ٿي رهي آھي جنهن سان سم نالي جو کارو پاڻي اٿلي زمينن ۾ پئي ٿو ، هنن چيو ته سم نالي جي کاٽي نه ٿيڻ سبب سانوڻي جي برساتن ۾ سم نالي جي اٿلڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي ، آبادگارن چيو ته ڪجھ مهينا اڳ ۾ پ پ پ ايم اين اي نويد ڏيري سم نالي جي کاٽي جي بجيٽ منظوري ڪرائي هئي پر سم نالي جي کاٽي 22 جمڙائو کان ڳوٺ حبي خان مهر تائين صرف هڪ ڪلوميٽر تائين ٿي باقي بجيٽ ڪيڏانهن وئي ان بابت ڪنهن کي به خبر نه آھي ، مقامي آبادگارن ، پ پ پ ايم اين اي ، ڊي سي سانگهڙ ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪيو ته 13 ۽ 15 جمڙائو کي لڳندڙ سم نالي جي فوري طور کاٽي ڪرائي وڃي ته جيئن سانوڻي جي برساتن ۾ سم نالي جي اٿلڻ جي خطري سبب فصلن جي نقصان ۽ زمينن جي امڪاني تباهي کان بچي سگهجي .