6

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)

سانگهڙ شھر جي مختلف علائقن ۾ بجليءَ جي بندش خلاف شھرين جو احتجاج.
بابا بيري واري ، نظاماڻي پاڙي، سڪندري مسجد وارڊ نمبر 2 ڪچي آبادي ۽ ٻين پاڙن ۾ گذريل اٺن ڏينهن کان بجلي بند آهي. بجلي بند ھئڻ سبب پاڻي جي سخت اڻاٺ ۽ بيمار ماڻهن جون خراب ٿي ويون آهن. علائقي واسي.
سانگهڙ شھر جي مختلف علائقن جي بجلي بند ھئڻ ڪري شھرين جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو. شھرين جو چوڻ آهي ته سخت گرمي سبب زندگيءَ جو سڄو ڪاروهنوار ٺپ لڳو پيو آهي. پاڻي جي سخت اڻاٺ ٿي وئي آهي. بيمار ماڻهن جون انتھائي مھانگيون دوائون به خراب ٿي ويون آهن. ساھ ۽ دم جا مريض جن کي روز صبح شام نيبولائيز ڪرڻو ھوندو آھي. اھي سخت پريشان آهن. حسيڪو انتظاميا سان جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته حيسڪو وارن جون انتھائي پراڻيون ۽ ختم ٿيل تارون روز روز ڪري پون ٿيون، سڙي وڃن ٿيون. ھنن چيو ته اسان جي علائقن مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں